پياري پيغمبرصهجون پياريون گهر واريون

پياري پيغمبرصهجون پياريون گهر واريون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب عبدالرحمان جتوئي ۽ عبدالجبار ’عبد‘ گڏجي لکيو آهي، جو سنڌي ساهت سوسائٽي سنڌ شڪارپور لاڙڪاڻي پاران 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر گل حسن سيٺار ۽ پيش لفظ عبدالجبار ’عبد‘ جا لکيل آهن. جڏهن ته ’پنهنجي طرفان‘ جي عنوان سان سوسائٽيءَ جي صدر غلام مصطفيٰ مشتاق جا تاثرات آهن ۽ علي اڪبر اسير قريشي جي تفريظ پڻ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ نبي ڪريمصه جي پاڪ گهروارين: (1) ام المومنين حضرت بــي بــي خديجة الڪبريٰرضه، (2) ام المومنين حـضـرت بي بي عائشه صديقهرضه، (3) ام المومنين حضرت بي بي سوده رضه، (4) ام المومنين حضرت بي بي حفصهرضه، (5) ام المومنين حضرت بي بي زينب بنت خزيمهرضه، (6) ام المومنين حضرت بي بي ام سلمارضه،(7) ام المومنين حضرت بي بي زينب بنت حَبشرضه، (8) ام المومنين حضرت بي بي جويريه بنت حـارثرضه، (9) ام المومنين حضرت بي بي ام حبيبه رضه، (10) ام المومنين حضرت بي بي صفيهرضه، (11) ام المومنين حضرت بي بي ميمونهرضه، (12) ام المومنين حضرت بي بي ريحانه بنت شمعونرضه ۽ (13) ام المومنين حضرت بي بي ماريه قبطيهرضه جي سيرت پاڪ نهايت ادب ۽ احترام سان لکي ويئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو